اسلام آباد(م ڊ) سينيئر قانوندان منير اي ملڪ جي سربراهي ۾ آل پاڪستان وڪيل ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن بعدجاري ڪيل پڌرنامي ۾ 26 هين آئيني ترميم خلاف احتجاج جو اعلان ڪندي چيو ويو آهي تهڇنڇر تي سموريون بارز ۽ ڪائونسلون ٻيهر احتجاج ڪنديون، وڪيل ڪاريون پٽيون ٻڌي عدالتي ڪاررواين ۾ ويندا، بيان ۾ چيو ويو ته سول سوسائٽي ۽ قانون دانن کي متحد ڪري آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي ويندي، ان حوالي سان ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس 11 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ٿيندو،