چڪ لڳ مهر جتوئي تڪرار تان وڌيڪ هڪ نوجوان قتل

لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان مهر) چڪ لڳ تڪرار تان مهر برادري جو نوجوان قتل، انگ وڌي 5 ٿي ويو، چڪ لڳ آباد ميلاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ عامل مھر  ۾ ڪٻرا مهر قادراڻي جتوئي تڪرار تان جتوئي ڌر جي هٿياربندن گهر تي ڪاهه ڪري مورچي ۾ ويٺل نوجوان راشد پٽ هزاري مهر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، نوجوان راشد مهر جي قتل بعد ڌرين وچ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، جڏهن ته آباد ميلاڻي پوليس نوجوان جو لاش لکي غلام شاهه اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻنهي ڌرين وچ هلندڙ تڪرار تان قتل ٿيلن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آهي، جن ۾ مهر برادري جا ٽي ڄڻا ۽ جتوئي برادري جا ٻه ڄڻا شامل آهن، واقعي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي جڏهنته خوف حراس پکڙجي ويو آهي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، هوڏانهن ڳوٺ قالو خان ويجهو خوشي مان ٿيل فائرنگ مان مبينا طور گولي لڳڻ سبب ڳوٺ غازي خان مهر واسي همراهه گلراز احمد مھر زخمي ٿي پيو جنهن بابت جتوئي ڌر پاران لاعلمي ظاهر ڪئي وئي آهي، ڊي ايس پي لکي غلام شاهه محمد علي سومرو ٻڌايو ته برادري تڪرار تان نوجوان قتل ٿيو آهي وارث جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.