غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾81 فلسطيني شهيد،400 کان وڌيڪ زخمي

غزا(م ڊ) گذريل ڏينهن حماس جي انتظام هيٺ هلندڙ غزا جي صحت واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ 81 فلسطيني شهيد ۽ 400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، الشفا اسپتال جي عملي ۽ اکين ڏٺن شاهدن موجب غزا شهر جي هڪ اسٽيڊيم ويجهو ٿيل حملي ۾ ٻارن سميت گهٽ ۾ گهٽ 11 ماڻهو شهيد ٿيا، صحت کاتي موجب، جافا اسڪول جي ويجهو ٿيل فضائي حملي ۾ پنجن ٻارن سميت اٺ ماڻهو شهيد ٿيا، ان علائقي ۾ سوين بي گهر فلسطيني پناهه ورتي آهي،ٻئي طرف، اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هنن حماس جي عسڪري ونگ جي باني ميمبرن مان هڪ محمد عيسيٰ العيسيٰ کي نشانو بڻائي شهيد ڪيو آهي، هوڏانهن حماس طرفان هن دعويٰ تي اڃا تائين ڪو به باضابطه بيان جاري نه ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.