سنڌ ۾ غير فطري لڏ پلاڻ ۽ ان جا ناڪاري نتيجا

تحرير: ڊاڪٽر سڪندر عباسي

ھونئن ته سڄي دنيا ۾ ٻھراڙين مان شھرن ڏي ماڻھن جي لڏ پلاڻ ھڪ عام رواجي ڳالھه آھي. اڄ به دنيا ۾ ۵٦ سيڪڙو ماڻھو شھرن ۾ رھن ٿا. اقوام متحده جي رپورٽ مطابق ۲۰۵۰ع تائين ۷۰ سيڪڙو آبادي شھرن ۾ رھندڙ ھوندي. ٻھراڙين مان شھرن ڏانھن لڏ پلاڻ جو لاڙو آمريڪا ۽ يورپ جي ڀيٽ ۾ ترقي پذير ملڪن ۾ گھڻو آھي. ايشيا ۽ آفريڪي ملڪن مان چين ھندستان بنگلاديش نائيجيريا ڪينيا ۽ ايٿوپيا اھڙا ملڪ آھن جن ۾ شھري علائقن ڏانھن لڏڻ جو رجحان گھڻو آھي. آمريڪا ۽ يورپ ۾ اڳيئي ۸۰ سيڪڙو آبادي شھرن ۾ رھي ٿي. عام طور ان لڏ پلاڻ جا سبب شھرن ۾ تعليم ،روزگار، صحت ۽ بنيادي سھولتن جو موجود ھجڻ ھجي ٿو. اھڙي فطري لڏ پلاڻ جيڪڏھن سنڌ ۾ به ٿيندي ھجي ته ان ۾ ڪو حرج ڪونھي. پر سنڌ ۾ ٻ طرفي لڏپلاڻ ٿي رھي آھي.

ھڪڙا ماڻھون نه صرف ٻين صوبن مان اچن ٿا پر ٻين ملڪن مان به اچن ٿا. سنڌ کان ٻاھران ايندڙ ماڻھن جي معاشي مفادن، ارادن ۽ سندن ماضي جي پس منظر جي ڪا معلومات documented ڪانھي ھوندي ان ڪري انھن جون سرگرميون ڪڏھن انتھا پسندي وڌائڻ جي صورت ۾ ظاھر ٿين ٿيون ته ڪڏھن ڏوھاري سرگرمين ۾ ملوث ھجڻ ۾ ظاھر ٿينديون رھيون آھن. انھي ڪري سنڌ ۾ سماجي ثقافتي لساني ۽ معاشي اٿل پٿل نظر اچي ٿي جيڪا صوبي جي قدرتي مزاج سان ٽڪراء ۾ آھي. وري سنڌ جي اندر ٻھراڙين مان شھرن ڏي لڏپلاڻ جا ٻه پس منظر آھن. ھڪڙا اھي ماڻھون آھن جيڪي روزگار تعليم ،صحت ۽ بھتر معاشي موقعن جي تلاش ۾ شھرن جو رخ ڪري رھيا آھن. جيڪو ھاڪاري پاسو آھي ٻيو اھو طبقو ٻھراڙي ڇڏي رھيو آھي جيڪو باشعور تعليم يافتا ۽ ڪاروبار سان لاڳاپيل وچولو طبقو آھي. اھو طبقو ئي ڪنھن به سماج ۾ ھڪ روشن ۽متحرڪ ڪردار ادا ڪندو آھي. اھو ڪاروباري طبقو اتي ئي رھي پنھنجي ڪاروبار کي وسعت به ڏيڻ چاھي ٿو ته سيڙپ ڪاري به ڪرڻ چاھي ٿو. پر بدقسمتي سان ٻھراڙي ۾ اھڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون آھن جو اھو طبقو علائقو ڃڏڻ تي مجبور آھي. حالتن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ھيٺيان سبب نظر اچن پيا. مکيون سبب امن امان جي خراب صورتحال، ڏوھاري ماڻھن جي ڀتاخوري ۽ انصاف جي عدم فراھمي شامل آھي.

حڪومتي عملداري جي لڳاتار زوال پذير ھجڻ ڪري سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ھڪڙو طاقت جو ٽڪندو ظھور پذير ٿيو آھي جنھن ۾ حڪمران پارٽي ٻيو قبائلي سردار ۽ ٽيون ڌاڙيل شامل آھن. حڪمران پارٽي کي چونڊن ۾ کٽڻ لاءِ اھڙن اميدوارن جي ضرورت آھي جيڪي مقامي اثر استعمال ڪري کٽي اچن. ان لاءِ پارٽي علائقي جي سردار کي ٽڪيٽ ڏئي چونڊون کٽڻ جو بندوبست ڪري ٿي. اھو عمل تڏھن اطمينان سان عمل پذير ٿئي ٿو جڏھن سردار جو پورو تڪ تابعدارن تي ٻڌل ھجي. اھو سردار سيٽ کٽي علائقي جي انتظاميا کي استعمال ڪري پنھنجو رعب ۽ دٻدٻو وڌيڪ وسيع ڪري ٿو. ان سان گڏ ڏوھاري ماڻھن تي ھٿ رکي مخالفن کي ھيسائڻ ۽ ڀڄائڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ اغوائن ۽ جرڳن مان پئسو به ڪمائي ٿو. ٽيون ٽولو ڏوھاري ماڻھن تي مشتمل آھي جنھن کي ساڳيو سردار تحفظ ڏي ٿو. جنھن جي ڪري ڌاڙيلن کي اغوائن ۽ ڏوھن مان حصو ملي ٿو. اھو لقاءُ اھڙي صورت اختيارڪري چڪو آھي جو ھر ڪاروباري ۽ خوددار ماڻھون پاڻ کي انتھائي غير محفوظ سمجھي ٿو. ان سڄي وايو منڊل ۾ سنڌ جا اتريان ضلعا مڪمل طور تي جاگيردارن ۽ ڀوتارن جي رحم ڪرم تي آھن.

ٻئي پاسي شھرن ۾ تيزي سان لڏپلاڻ جي ڪري بيروزگاري ۽ اڻ برابري ۾ خطرناڪ اظافو ٿي رھيو آھي. ڪچين آبادي ۾ واڌ ۽ وسيلن تي آبادي جي دٻاءُ ڪري ماحولياتي مسئلا جھڙوڪ صاف پاڻي، نڪاسي جو بندوبست ،توانائي جي فراھمي ۽ ٽرانسپورٽ جا مسئلا وڌي رھيا آھن. ٻئي طرف ٻھراڙي ۾ اڻ پڙھيل ۽ غير ھنرمند نوجوانن جو تعداد وڌي رھيو آھي ته ساڳي وقت زرعي مشينري جي استعمال ڪري بيروزگاري ۾ تيزي سان اظافو ٿي رھيو آھي جنھن جو لازمي نتيجو امن امان جي ويتر خراب صورتحال کي جنم ڏيندو. ان ڪري سياسي پارٽين، ۽ سڄاڻ ڌرن کي متحرڪ ٿي ڪا جامع حڪمت عملي ٺاھڻي پوندي ته جيئن حڪمران ڌر کي مجبور ڪري طاقت جي مڪروه ٽڪنڊي کي ٽوڙي امن امان جي صورتحال بحال ڪرائجي۽ معاشي سرگرمين جي لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي نوجوانن کي ڪا معياري تعليم ۽ فني سکيا ڏئي دڳ لائجي ته سنڌ ھڪ سکيو ستابو پرڳڻو بڻجي اڳتي وڌي سگھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.