دي هيگ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر فيلڊ مارشل عاصم منير جي تعريف ڪندي چيو آهي ته هو متاثر ڪندڙ شخصيت آهي.
دي هيگ ۾ نيٽو اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگبندي ڪرائڻ جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وٽ جوهري هٿيار آهن، جوهري تڪرار جو خدشو هو، مان جنگبندي لاءِ ڪيتريون ئي فون ڪالز ڪيون، کين چيو ته واپار ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت تمام بهادر ۽ تعريف لائق آهي، جن جنگبندي لاءِ فوري طور راضپو ظاهر ڪيو، منهنجي مارشل عاصم منير سان ملاقات ٿي، سندس شخصيت متاثر ڪندڙ آهي.
You might also like