ايران ۽ اسرائيل ۾ ٻيهر جنگ نه ٿيندي، جلد روس ۽ يوڪرين جو تڪرار به حل ڪرائيندس: ٽرمپ

دي هيگ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايراني قيادت سان ايندڙ هفتي ملاقات طئي آهي، معاهدو به ٿي سگهي ٿو.
دي هيگ ۾ نيٽو سربراهن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته امن لاءِ اسان کان جيڪو پڄي سگهيو اهو ڪيوسين، آمريڪي حملي سبب ايران – اسرائيل جنگبندي ممڪن ٿي، مون کي نٿو لڳي ته انهن ملڪن ۾ ٻيهر جنگ ٿيندي.
هن چيو ته آمريڪا ايندڙ هفتي ايران سان ڳالهيون ڪندو ۽ تهران جي جوهري پروگرام تي امڪاني معاهدو غور هيٺ آهي، مان نٿو ڄاڻيان پر شايد اهو ڪو معاهدو ڪري وٺون.
ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته اسان ايران جو نيوڪليئر پروگرام تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جوهري مرڪز مڪمل طور تباهه ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري مون کي هاڻ ان حوالي سان ڪا خاص ڳڻتي ناهي.
سندس چوڻ هو ته مان جلد روس ۽ يوڪرين جو تڪرار به حل ڪرائينداسين، پيوٽن سان جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهائيندس، توڙي جو اها جنگ روڪرائڻ ڏکيو ڪم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.