سيٽلائيٽ منظرن ۽ ٿري ڊي نقشن جي ذريعي دنيا کي ڏيکارڻ واري گوگل ارٿ سروس کي 20 سال مڪمل ٿي ويا آهن.
گوگل ارٿ جي ويهين سالگرهه جي موقعي تي ڪمپني عام واهپدارن ۽ پروفيشنل ماڻهن لاءِ ٻه نوان فيچرز متعارف ڪرايا آهن.
جون 2005ع ۾ گوگل ارٿ متعارف ٿيو هو ۽ تڏهن کان هيءَ سروس استعمال ڪندڙن کي جاگرافيائي ڄاڻ مهيا ڪري رهي آهي.
ڪمپني موجب، رڳو 2024ع ۾ ئي مختلف هنڌن تي گوگل ارٿ کي 2 ارب کان وڌيڪ ڀيرا سرچ ڪيو ويو.
گوگل ارٿ جي مدد سان 20 سالن کانپوءِ پنهنجي گم ٿيل ڪٽنب سان ملندڙ شخص جي ڪهاڻي به سامهون آئي.
ڪمپني هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته گذريل ٻن ڏهاڪن دوران ماڻهن هن سروس کي بامقصد طريقي سان استعمال ڪيو.
متعارف ڪرايل پهريون نئون فيچر ”تاريخي اسٽريٽ ويو“ تصويرون سڌي ريت گوگل ارٿ جو حصو بڻايا ويا آهن، جن جي ذريعي استعمال ڪندڙ ڏسي سگهن ٿا ته دنيا جا مختلف هنڌ گذريل سالن ۾ ڪيئن تبديل ٿيا.
مثال طور اهو ڄاڻي سگهجي ٿو ته ڪو به شهري علائقو بلند عمارتن جي اڏاوت يا ٻين تبديلين کان اڳ ڪيئن لڳندو هو.
اِهو فيچر اڳ گوگل ميپس ۾ موجود هو پر هاڻي اهو گوگل ارٿ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ٻيو نئون فيچر مختلف هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالوجي ( اي آءِ ) ٽولز تي ٻڌل آهي، جيڪو خاص طور تي پروفيشنلز جهڙوڪ سٽي پلانرز لاءِ متعارف ڪرايا ويو آهي.
اِهو ٽول في الحال آمريڪا ۾ متعارف ڪرايا پيا وڃن جنهن ذريعي واهپيدارن کي زمين جي سطح بابت تفصيل حاصل ٿيندا ۽ تجزيو به ڪري سگهندا.
مثال طور ماڻهو ڄاڻي سگهن ٿا ته ڪهڙي شهر يا هنڌ تي وڻ وڌيڪ آهن يا ڪهڙا علائقا آهن جتي گرمي وڌيڪ ٿئي ٿي، جنهن سان رٿابندين، مقامي حڪومتن ۽ محققن کي انفراسٽرڪچر منصوبا ٺاهڻ ۾ مدد ملندي.
گوگل طرفان گوگل ارٿ جي ٻن ڏهاڪن بابت ڪجهه تفصيل پڻ جاري ڪيا ويا آهن.
2006ع ۾ اسٽريٽ ويو متعارف ٿيو، ان کانپوءِ ٿري ڊي عمارتن کي گوگل ارٿ جو حصو بڻايو ويو.
2017ع ۾ گوگل ارٿ ٽائيم ليپس کي نئين سر ترتيب ڏنو ويو، جنهن ۾ 35 سالن تي ٻڌل ڪروڙين سيٽلائيٽ تصويرون شامل ڪيون ويون.
You might also like