سنڌ ۾ رولو ڪتا شهرين لاءِ خطرو بڻجي ويا، حملن ۾ ڳڻتيءَ جوڳي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ رولو ڪتا شهرين لاءِ خطرو بڻجي ويا، صوبي ۾ ريبيز جي ڪيسن ۾ ڳڻتيءَ جوڳي حد تائين واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
انگن اکرن موجب هلندڙ سال ريبيز جا 8 مريض لاڏاڻو ڪري ويا، متاثر شهرين جو واسطو بدين، سکر، گهوٽڪي، حب چوڪي، لسٻيلي ۽ سرجاڻي ٽائون سان هو.
سول اسپتال جي ريبيز اينڊ ڊاگ بائيٽ انچارج ڊاڪٽر رومانه فرحت ٻڌايو ته متاثر مريضن وقت تي ريبيز کان بچاءَ جي ويڪسين نه لڳرائي.
هن ٻڌايو ته اسپتال ۾ هلندڙ مهيني ٻارن جا ٽائپ ٿري ڊاگ بائيٽ ڪيس وڌيڪ رپورٽ ٿيا آهن، ڪيسن جي اڪثريت بلديا، سرجاڻي ۽ نارٿ ڪراچي مان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.