ايشين 6 ريڊ بال چيمپئن شپ ۾ پاڪستان جي آخري اميد به ختم، سيمي فائنل ۾ محمد آصف کي شڪست

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ايشيئن 6 ريڊ بال چيمپئن شپ ۾ پاڪستان جي آخري اميد به ختم ٿي وئي آهي.
چيمپئن شپ جي سيمي فائنل ۾ ملائيشيا جي ٿور چوهان لونگ پاڪستان جي محمد آصف کي هارائي ڇڏيو، ملائيشين رانديگر 2 جي مقابلي ۾ 5 فريم کٽي ورتا.
ان کان اڳ محمد سجاد ۽ اويس منير پهريان ئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست کائي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي چڪا آهن.
پاڪستان جي سنوڪر ٽيم هاڻي ڪولمبو ۾ ئي ٿيندڙ ايشيئن سنوڪر چيمپئن شپ ۾ شرڪت ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.