ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نور زمان ۽ ناصر اقبال ايشيئن ڊبلز اسڪواش چيمپئن شپ جي فائنل ۾ پهچي ويا .
ملائيشيا ۾ جاري چيمپئن شپ جي سيمي فائنل ۾ پاڪستاني جوڙي، ملائيشيا جي سيئافڪ ڪمال ۽ ڊنڪن لي کي سخت مقابلي کانپوءِ 2-1 تان شڪست ڏني.
مقابلي جو اسڪور 11-10، 9-11 ۽ 9-11 رهيو، جنهن ۾ نور زمان ۽ ناصر اقبال بهتر راند جو مظاهرو ڪندي پاڪستان لاءِ فائنل تائين رسائي حاصل ڪئي.
ايشيئن ڊبلز اسڪواش چيمپئن شپ جو فائنل هاڻي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ کيڏيو ويندو، جتي پاڪستاني رانديگر اڀي سنگهه ۽ ويلاون سينٿل ڪمار سان مهاڏو اٽڪائيندا.