ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا بشريٰ انصاري، مرحومه اداڪارا عائشا خان جي زندگي بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن.
گذريل هفتي ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال جي هڪ فليٽ مان سينيئر اداڪارا عائشه خان جو هڪ هفتو پراڻو لاش هٿ آيو هو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سندس اولاد ۽ خاندان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.
ان ڏس ۾ بشريٰ انصاري پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينهن کان عائشا خان بابت ميڊيا تي ٻڌي رهي آهيان، سندس موت تي ڏک ٿيو ۽ ان سان گڏوگڏ شرمساري پڻ ٿي ته اسان محسوس ئي نه ڪيو ته هوءَ ڪيئن آهي.
هن چيو ته مون کي حيرت ٿيندي آهي ته ماڻهو ڪيئن پنهنجا وِي لاگ ٺاهڻ لاءِ ڳالهه کي وڌائين ٿا ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا جيڪي سچ نه آهن.
سندس چوڻ هو ته هن پنج سال اڳ عائشا آپا سان ڪم ڪيو هو، جڏهن ٻارن بابت پڇيم ته چيائين ته منهنجا ٻار پرڏيهه ۾ رهن ٿا، چوندا آهن ته اسان وٽ اچي رهو، منهنجي اتي دل نه ٿي لڳي. ٻار پئسن جي ڪا به تنگي نه اچڻ ڏيندا آهن، پر مان هتي ڪراچي ۾ پنهنجن دوستن ۽ حلقي سان خوش آهيان.
بشريٰ انصاري چيو ته مهرباني ڪري سندن ٻارن تي الزام نه مڙهيو، ان سان کين به تڪليف ٿيندي.
ياد رهي ته عائشا خان 77 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو، هن ڪيترن ئي مشهور ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ افشان، عروسه، فيملي 93 ۽ مهندي شامل آهن.
هوءَ اداڪارا خالدا رياست جي وڏي ڀيڻ هئي ۽ گذريل ڪيترن سالن کان اسڪرين تان غائب هئي.
You might also like