وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽجندي ئي سون هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايران – اسرائيل وچ ۾ جنگبندي کانپوءِ ملڪ ۾ سون هزارين رپيا سستو ٿي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3 هزار 800 رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 3 لک 54 هزار 365 رپيا ٿي وئي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 3 هزار 258 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 38 هزار 10 رپين جو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 39 ڊالر لاٿ سان 3 هزار 327 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.