ورهين کان ايران تي حملي جي رٿابندي ڪري رهيا هئاسين، وڏي ڪاميابي ملي آهي: اسرائيلي فوج جي دعويٰ

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هو ڪيئي ورهين کان ايران تي حملي لاءِ پاڻ کي تيار ڪري رهي هئي.
اسرائيل جي چيف آف جنرل اسٽاف ايال زمير چيو ته ويجهڙائي وارن مهينن دوران اِها تياري انتهائي ڳجهي طريقي سان ڪئي وئي.
هن وڌيڪ تفصيل ڏيڻ بنا دعويٰ ڪئي ته هي آپريشن ”عمل ۽ اسٽريٽجڪ حالتن جي بهتر ٿيڻ سبب ممڪن بڻيو “ ۽ ان ۾ دير ڪرڻ خطرناڪ ثابت ٿئي ها ڇو ته اهڙي صورت ۾ حالتون وڌيڪ بگڙي سگهن پيون ۽ اسرائيل کي نقصان پهچڻ جو خدشو هو.
ايال زمير دعويٰ ڪئي ته ”اسان هڪ طاقتور ۽ اوچتو حملو ڪري بهترين نتيجا حاصل ڪيا.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.