ايران چاهي ته ڪجهه هفتن اندر ائٽمي هٿيار ٺاهي سگهي ٿو: تلسي گبارڊ جي دعويٰ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي ڊائريڪٽر آف نيشنل انٽيليجنس تلسي گبارڊ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا وٽ اهڙي معلومات آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ايران چاهي ته هو ڪجهه هفتن اندر ايٽمي هٿيار تيار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
بي بي سي موجب، تلسي گبارڊ ميڊيا تي الزام لڳائيندي چيو آهي ته هلندڙ سال مارچ ۾ سينيٽ ڪميٽي اڳيان ڏنل سندن بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو.
هن وضاحت ڪندي چيو ته ان وقت هن چيو هو ته آمريڪي انٽيليجنس ادارن جو خيال آهي ته ايران هن وقت ايٽمي هٿيار نه پيو ٺاهي.
اها وضاحت اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻه ڀيرا عوامي طور تي چيو آهي ته تلسي گبارڊ ايران جي ارادن بابت غلط فهميءَ جو شڪار آهي.
ٻئي پاسي ايران ڪيئي ڀيرا واضع ڪري چڪو آهي ته ان جو ايٽمي پروگرام مڪمل طور تي پُرامن مقصدن لاءِ آهي ۽ ان کي پرامن مقصدن لاءِ يورينيم جي افزودگي جو حق حاصل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.