ايران: موساد سان رابطن جو الزام، قم مان 22 شڪي جوابدار گرفتار

قم (ويب ڊيسڪ) ايران جي صوبي قم ۾ اسرائيل سان مبينا تعلق جي شڪ ۾ 22 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، قم صوبي جي انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي پوليس جي سربراهه دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي حملن کانپوءِ اِهي ماڻهو مبينا طور اسرائيلي ڳجهن ادارن سان طور رابطي ۾ هئا.
هن وڌيڪ چيو ته شڪي جوابدارن کي عوام کي ورغلائڻ، اسرائيل جي حمايت ڪرڻ ۽ صوبي جي حساس هنڌن جي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جي الزامن تحت نشاندهي تي گرفتار ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.