اٺ ايراني ڊورن اسرائيلي هوائي حدن ۾ داخل

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته اڄ صبح اٽڪل هڪ ڪلاڪ دوران ايران جا اٺ ڊرون اسرائيل جي هوائي حدن ۾ داخل ٿيا، جن مان پنج ڊرون تباهه ڪيا ويا.
اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ڊرون مقامي وقت موجب صبح ڏهه لڳي 16 منٽن کان 11 لڳي 27 جي وچ ڌاران اسرائيل جي مختلف علائقن ۾ ڏٺا ويا.
فوج دعويٰ ڪئي آهي ته انهن مان پنج فوري طور تباهه ڪيا ويا، جڏهن ته باقي ٽن ڊرونز بابت جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.