راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ فرنٽ لائين تي آهي، پاڪستان انساني ۽ معاشي سطح تي بيشمار قربانيون ڏنيون آهن ۽ پاڪستان وٽ آءِ ٽي، زراعت، معدنيات ۽ مائننگ جي شعبي ۾ اڻ ڳڻيا موقعا آهن.ا
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آمريڪا جي سرڪاري دوري دوران واشنگٽن ڊي سي ۾ سينيئر عالمن، تجزيي نگارن، پاليسي ماهرن، عالمي ميڊيا، دانشورن ۽ دفاعي ماهرن جي نمائندن سان تفصيلي ۽ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
آرمي چيف آمريڪا ۾ ممتاز ٿنڪ ٽينڪس ۽ اسٽريٽجڪ معاملن جي ادارن سان پڻ تفصيلي ڳالهيون ڪيون.
نمائندن سان هن ملاقات اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي اصولي موقف کي اجاگر ڪرڻ ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ويزن کي بهتر طور تي بيان ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو.
پنهنجي خطاب ۾ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان عالمي نظام ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، آرمي چيف حق جي جنگ ۽ آپريشن بنيان مرصوص تي به تفصيلي روشني وڌي.
آرمي چيف عاصم منير چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ فرنٽ لائين تي آهي، پاڪستان انساني ۽ معاشي سطح تي بيشمار قربانيون ڏنيون آهن، ۽ پاڪستان وٽ آءِ ٽي، زراعت، معدنيات ۽ مائننگ ۾ بيشمار موقعا آهن.