ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪامران ٽيسوري جي آفيس جون چاٻيون پاڻ سان کڻي وڃڻ جو معاملو ، گورنر هائوس جي ترجمان جو بيان سامهون اچي ويو.
گورنر هائوس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته وقتي گورنر اويس قادر شاهه طرفان صورتحال کي غلط سمجهيو ويو.
هن ٻڌايو ته گهرو سيڪريٽري، آءِ جي، ڊي آءِ جي سميت ٻين اهم آفيسرن سان گڏ هڪ اجلاس لاءِ ڪانفرنس روم اڳواٽ مقرر ٿيل هو، جڏهن ته وقتي گورنر لاءِ هڪ مخصوص آفيس اڳ ئي تيار ڪئي وئي هئي.
ترجمان موجب جيڪڏهن اويس قادر شاهه مرڪزي آفيس استعمال ڪرڻ جو ارادو رکي ها ته وقت سر اطلاع ڏيڻ تي ضروري اتنظام ڪيا وڃن ها.
ان سلسلي ۾ گورنر ڪامران ٽيسوري پرنسپل سيڪريٽري کي هدايت جاري ڪئي آهي ته معاملي جي جاچ 24 ڪلاڪن اندر مڪمل ڪئي وڃي.
ٻئي پاسي، گورنر ڪامران ٽيسوري وضاحت ڪندي چيو آهي ته گورنر هائوس هميشه عوام لاءِ کليل رهيو آهي، اويس قادر شاهه کي اسپيڪر ۽ ذاتي حيثيت ۾ هو احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿو.
اويس شاهه جو عدالت سان رابطو
واضح رهي ته وقتي گورنر اويس شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٻه جون کان گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري پرڏيهه ويل آهي، جڏهن ته وقتي گورنر جي چارج ورتي آهي گورنر هائوس ۾ رسائي نه پئي ڏني وڃي، وقتي گورنر کي آفيس معاملن کان روڪڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، عدالت ترت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري .
ان کانپوءِ عدالت درخواست درخواست فوري ٻڌڻي جي استدعا منظور ڪري ورتي
You might also like