دٻاءُ آهي پر انگلينڊ کي ان جي سرزمين تي هارائڻ چاهيان ٿو: شُڀمَن گِل

هيڊنگلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شُڀمَن گِل چيو آهي ته انگلينڊ خلاف پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ سندن ترجيح مخالف ٽيم جون 20 وڪيٽون جلد کان جلد حاصل ڪرڻ هوندي پوءِ ڀلي ان لاءِ ٽيم کي چئن فاسٽ بالرن يا ٽيل اينڊرن سان ئي ڇو نه کيڏڻو پوي.
هيڊنگلي ۾ اينڊرسن-ٽنڊولڪر ٽرافي  کان هڪ ڏينهن اڳ پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي گِل چيو ته ” توهان جيتريون به رنسون ٺاهيو، پر جيستائين 20 وڪيٽون نه وٺندئو، ٽيسٽ ميچ نه ٿا کٽي سگهو، انگلينڊ خلاف حڪمت عملي تيار ڪئي آهي.“
هن ٻڌايو ته ممڪن آهي ڀارتي ٽيم رڳو ڪجهه بيٽرن سان گڏ ٽن کان چئن اسپيشلسٽ فاسٽ بالرن سان ميدان تي لهي ته جيئن بالنگ ۾ جارحاڻو انداز اختيار ڪري سگهجي.
واضح رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ آسٽريليا جي دوري دوران ڀارت رڳو ٽن فاسٽ بالرن سان کيڏي هئي، جتي بُمرا کانسواءِ ٻيا فاسٽ بالر متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سگهيا هئا.
هن دفعي شُڀمَن گِل شاردل ٺاڪر جهڙي آل رائونڊر کي به ٽيم ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي ته جيئن بالنگ سان گڏ بيٽنگ جو توازن به برقرار رهي.
گِل جو چوڻ هو ته ڀارت ڪپتاني سندس لاءِ وڏو اعزاز آهي ۽ هو چاهي ٿو ته ٽيم انگلينڊ، آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جهڙن ملڪن ۾ ٽيسٽ سيريز کٽي.
هن چيو ”مون لاءِ ٽيسٽ سيريز کٽڻ وڌيڪ اهم آهي، ڇو ته آءِ پي ايل ته هر سال ٿيندي آهي، پر انگلينڊ جهڙي ملڪ ۾ ڪپتاني سان گڏ سيريز کٽڻ جو موقعو شايد زندگيءَ ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا ئي ملي.“
ڀارتي ڪپتان چيو ته هو ميدان تي پاڻ کي رڳو هڪ بيٽر سمجهي ٿو ۽ سندس ارادو آهي ته هو سيريز جو بهترين بيٽر بڻجي، هن واضح ڪيو ته ڪپتان ٿيڻ سان مٿس دٻاءُ ته هوندو، پر هو ان چئلينج لاءِ مڪمل تيار آهي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن مان کيڏندو آهيان، ڀلي مان ڪپتان هجان يا نه هجان اڳواٽ ئي سمجهي وٺندو آهيان ته مخالف ٽيم مون کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي “
هن وڌيڪ چيو ته هيءَ سيريز ئي سندس اصل هدف آهي ۽ هو ڀارت کي پرڏيهي دورن تي هڪ مضبوط فاتح ٽيم طور ڏسڻ چاهي ٿو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.