تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي قوم کي خوف مان نڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته پنهنجي طاقت سان دشمن تي ڏهڪاءُ طاري ڪندا رهو.
ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ خامنه اي قوم کي مخاطب ٿيندي چيو ته منهنجي قوم جا ماڻهو جيڪڏهن توهان ٿورو به خوف جو شڪار ٿيا ته دشمن توهان کي وڌيڪ ڊيڄاريندو ۽ توهان کي نه ڇڏيندو.
هن چيو هيل تائين توهان دشمن خلاف پنهنجي اتحاد سان جيڪو خوف طاري ڪرڻ وارو رويو اختيار ڪيو آهي، ان کي ڀرپور طاقت سان جاري رکو.
خامنه اي سورت انفال جي آيت جو ترجمو به شيئر ڪيو ته ”فتح رڳو الله جي طرفان آهي، جيڪو غالب ۽ حڪمت وارو آهي“.
گڏوگڏ هن لکيو ته الله تمام گهڻو رحيم آهي ۽ ايران کي وڏي فتح سان نوازيندو، ڇو ته اسان حق ۽ سچ تي بيٺا آهيون.
دشمن کان نه ڊڄو، حق ۽ سچ تي بيٺا آهيون، الله وڏي فتح سان نوازيندو: خامنه اي
You might also like