”شاهراههِ ڀٽو تحفو نه توهان جو ڪم آهي“ وڏي وزير جي بيان طلحا انجم کي چيڙائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ريپر طلحا انجم سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته شاهراههِ ڀٽو کي عوام لاءِ تحفي طور پيش ڪرڻ سراسر غير سنجيده عمل آهي، حڪومتي نمائندا عوامي سهولتون تحفو نه پر فرض سمجهي ڏين.
طلحا انجم پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي ان بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو، جنهن ۾هن شاهراههِ ڀٽو کي پيپلز پارٽي جي حڪومت طرفان ڪراچي واسين لاءِ هڪ ”تحفو“ قرار ڏنو هو.
طلحا انجم لکيو ته ”هي ڪو تحفو ناهي، پر حڪومت جو ذميواري آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته هو گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ خراب ترين حڪمراني ڏسي رهيو آهي ۽ اڄ به جڏهن اهڙا بيان سامهون اچن ٿا ته حيرت ٿئي ٿي.
واضح رهي ته طلحا انجم پنهنجي بي باڪ بيانن لاءِ ڄاتو وڃي ٿو ۽ هو اڳ به مختلف موقعن تي عوامي مسئلن تي آواز اٿاريندو رهيو آهي.
سندس تازي بيان کي سوشل ميڊيا تي وڏي موٽ ملي رهي آهي، جتي ڪيترن ئي واهپيدارن سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري طلحا انجم جي حمايت ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.