اسلام ۾ جبر ناهي، جڏهن دل سان تبديلي محسوس ڪنديس ته مذهب بدلائنديس: سُنيتا مارشل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل سنيتا مارشل پنهنجي مڙس، اداڪار حسن احمد جي اسلام قبول ڪرڻ بابت سوال تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي .
هڪ تازي انٽرويو دوران سنيتا مارشل پنهنجي خاندان، شادي، ۽ ذاتي زندگي بابت تفصيلي ڳالهايو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ”شادي کان اڳ اسان پنجن سالن کان هڪ ٻئي کي سڃاڻندا هئاسين، منهنجو حسن جي فيملي سان تمام سٺو تعلق هو، مان اڪثر سندن جي گهر ويندي هيس ۽ مون کي تمام گهڻي عزت ۽ محبت ڏني ويندي هئي.“
سنيتا چيو ته ”مون ۾محسوس ڪيو ته جيڪڏهن هتي مون تي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ زور نه ٿو ڀريو وڃي ۽ منهنجي عزت ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ مان شادي ڪري سگهان ٿي.“
هن وڌيڪ ٻڌايو ته سندس فيملي لنڊن ۾ رهي ٿي ۽ هن پنهنجي چاچي کي حسن سان رشتي بابت ٻڌايو هو، جنهن پوءِ سندس شادي ڪرائي.
حسن احمد جي اغوا بابت ڳالهائيندي سنيتا چيو ته ”هو شوٽنگ کان گهر واپس اچي رهيو هو ته رستي ۾ اغوا ٿي ويو ۽ ڀنگ لاءِ فون آيو. مون ترت سندس پيءُ ۽ دوستن کي آگاهه ڪيو، پوءِ سي پي ايل سي جي مدد ورتي وئي، حسن 35 ڏينهن پوءِ بازياب ٿيو.“
اداڪارا موجب، اغوا کانپوءِ حسن احمد عمري جي ادائيگي لاءِ ويو، واپسي تي حسن مون کي چيائين ته اسلام قبول ڪر، مان کيس چيو ته جيئن اڳ به چئي چڪي آهيان ته مان جڏهن دل سان تبديلي محسوس ڪنديس، تڏهن ئي مذهب تبديل ڪنديس ۽ حسن منهنجي ڳالهه سمجهي ورتي.
ياد رهي ته سنيتا مارشل ۽ حسن احمد جي شادي 2008ع ۾ ٿي هئي جوڙي کي ٻن ٻارن جو اولاد آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.