تهران (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ايران جي تخت گاهه تهران تي حملا شروع ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب تازي اسرائيلي حملن ۾ ايران جي سرڪاري ٽي وي چينل جي عمارت کي نشانو بڻايو ويو.
نشريات دوران ٽي وي چينل جي عمارت تي حملو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اينڪر پنهنجي سيٽ ڇڏي اٿي وئي، جڏهن ته اسٽوڊيو ۾ دونهون ڀرجي ويو.
حملي کانپوءِ ايراني سرڪاري ٽي وي نشريات بند ٿي وئي، جڏهن ته چينل جي ڪيترن ئي ڪارڪنن جي شهادت جا اطلاع آهن.
You might also like