ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس اسرائيل کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو آهي ته ايران پنهنجي دفاع جي حق تحت ڪارروائيون ڪري رهيو آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي روسي نائب پرڏيهي وزير سرگئي ريابڪوف چيو ته ايران جي جوهري ملڪيتن تي حملن جا امڪاني خطرناڪ نتيجا سڀني لاءِ واضح آهن.
هن چيو سڀ کان اڳ اسرائيل جي ذميواري آهي ته هو صبر ۽ سمجهداري جو مظاهرو ڪري، تهران پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته روس ٻنهي ملڪن سان رابطي ۾ آهي ۽ ان معاملي تي آمريڪا سان به ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي.
Next Post
You might also like