تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسدارانِ انقلاب اسرائيلي شهرين کي تل ابيب خالي ڪرڻ جي تنبيهه ڪري ڇڏي.
پاسدارانِ انقلاب طرفان چيو ويو آهي ته اسرائيلي شهري جيتري جلدي ممڪن ٿي سگهي تل ابيب خالي ڪري ڇڏين، ايندڙ ڪلاڪن ۾ تل ابيب ۾ فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ويندو.
پاسدارانِ انقلاب طرفان اها تنبيهه اسرائيلي فوج جي ان بيان کانپوءِ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ايراني شهرين کي تهران جو هڪ علائقو خالي ڪرڻ جو چيو ويو هو.
You might also like