ٽيڪنالوجي ڪمپني هواوي سام سنگ جي گليڪسي اي 56 کان پهرين پوزيشن کسي ورتي.
گذريل هفتي جي مشهور ترين سمارٽ فونز جي جاري ڪيل تازي فهرست ۾ هواوي پيورا 80 الٽرا زبردست انٽري سان پهرين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
گذريل هتي جي مقبول ترين سمارٽ فون جي فهرست ۾ ٻيو نمبر سام سنگ گليڪسي اي 56 جو رهيو.
سام سنگ گليڪسي ايس 25 الٽرا ٽئين، ون پلس 13 ايس 5 جي چوٿين، شيائومي ريڊمي ٽربو فور پرو پنجين، ايپل آءِ فون 16 پرو ميڪس ڇهين ۽ شيائومي پوڪو ايڪس سيون پرو ستين نمبر تي موجود آهن.
ويوو آءِ ڪيو او او نيو 10 جي اٺين، انفينڪس جي ٽي 30 پرو نائين ۽ ڏهين نمبر تي سام سنگ گليڪسي ايس 25 ايج موجود آهن.
Next Post
You might also like