سون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 700 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 3 لک 32 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 600 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 10 هزار 613 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 18 ڊالر گهٽجڻ سان 3 هزار 414 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.