گوگل فوٽوز ايڊٽ کي سولو بڻائي ڇڏيو، تخليقڪارن لاءِ اهم فيچر پيش

گوگل پنهنجي فوٽوز ايپ ۾ اميج ايڊيٽر کي نئين سر ڊزائن ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي، نئين اپڊيٽ کانپوءِ، واهپيدارن لاءِ گوگل فوٽوز ۾ تصويرون ايڊٽ ڪرڻ تمام آسان ٿي ويندو.
جيڪڏهن توهان اڃا تائين پنهنجي تصويرن کي سمارٽ فون جي ٻين ايپس ۾ ايڊٽ ڪريو ٿا ته هاڻي ان جي ضرورت محسوس نه ٿيندي ڇاڪاڻ ته گوگل فوٽوز جي نئين اميج ايڊيٽر ۾ توهان هڪ ڪلڪ سان تصوير جو پسمنظر يا ڪنهن به شخص کي هٽائي سگهو ٿا يا تصوير کي نئين انداز ۾ ترتيب ڏئي سگهو ٿا.
تازي اپڊيٽ ۾ واهپيدارن لاءِ تصوير جي فوڪس ايڊجسٽ ڪرڻ، روشني بهتر ڪرڻ، تصوير ۾ موجود موضوع کي منتقل ڪرڻ ۽ ري اميجننگ (تصوير کي نئين تخليقي انداز ۾ ٺاهڻ) جهڙا فيچرز پڻ موجود هوندا.
نوان خاص فيچرز
آٽو فريم: تصوير کي ” ڪروپ“ ڪرڻ لاءِ تجويزون ڏيندو. جيڪڏهن تصوير ۾ ڪا تبديلي گهربل آهي، ته هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي(اي آءِ ) ان موجب تصوير تيار ڪري وٺندي.
ري اميجننگ: هن فيچر جي مدد سان تصويرن کي نئين سر تخيليقي انداز ۾ تيار ڪري سگهجي ٿو.
گوگل اهڙين اي آءِ سان تيار ڪيل تصويرن تي واٽرمارڪ لڳائيندو ته جيئن ناظرين کي پتو پئجي سگهي ته اها تصوير اي آءِ جي مدد سان تيار ڪئي وئي آهي.
نئون فيچر: ڪيو آر ڪوڊ شيئرنگ
گوگل فوٽوز، اينڊرائيڊ جي ورجن 7.30 ۾، البمز لاءِ نئون ڪيو آر ڪوڊ شيئرنگ آپشن پڻ متعارف ڪرايو آهي، جنهن تحت واهپيدارن پنهنجن البمن تائين رسائي ڏيڻ لاءِ ڪيو آر ڪوڊ ٺاهي سگهن ٿا.
گوگل فوٽوز جي هي اپڊيٽ نه رڳو تصويرن جي ايڊيٽنگ کي آسان بڻائيندي، پر تخليقي امڪانن کي به نئون رخ ڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.