اردن جي اسرائيل ڏانهن اڏام ڪندڙ ايراني ڊرون ڪيرائڻ جي دعويٰ

عمان (ويب ڊيسڪ) اردن جي فضائيا اسرائيل ڏانهن اڏام ڪندڙ ايراني ڊرون ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اردن جي فضائيا ايراني ڊرون کي عقبه ريجن ۾ ڪيرايو.
گذريل ڏينهن به اردن دعويٰ ڪئي هئي ته هن پنهنجي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندڙ ميزائلن ۽ ڊرونز کي ڪيرايو آهي.
اردني فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها ڪارروائي ايران طرفان اسرائيلي حملي جي جواب ۾ لانچ ڪيل ڊرونز اردني علائقي ۾ ڪرڻ جي خدشي سبب ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.