ڀارتي جهاز حادثي تي سڄي دنيا ۾ سوڳ، عالمي اڳواڻن طرفان تعزيت

لنڊن/ماسڪو/پئرس (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر احمد آباد ۾ جهاز حادثي تي برطانوي بادشاهه چارلس، وزيراعظم سير ڪيئر اسٽارمر، روسي صدر ولاديمير پيوٽن، فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون ۽ ٻين عالمي اڳواڻن افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو ڏُک جي هن گهڙيءَ ۾ ڀارتي عوام سان گڏ بيٺا آهن.
برطانوي شاهي خاندان پاران جاري ڪيل سوشل ميڊيا بيان موجب بادشاهه چارلس چيو آهي ته کيس احمد آباد ۾ جهاز حادثي جي خبر ٻڌي گهرو صدمو رسيو آهي. هن چيو ته هو ۽ سندس گهرواري هن افسوسناڪ حادثي جي متاثرن لاءِ دعاگو آهن ۽ وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪن ٿا.
برطانيا جي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر به حادثي تي افسوس ظاهر ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن لکيو ته تباهه ڪندڙ منظرن تي سندس دل ڏڪي ويئي۽ احمد آباد مان لنڊن لاءِ اُڏام ڀريندڙ جهاز ۾ ڪيئي برطانوي شهري سوار هئا، جن جي حوالي سان کيس مسلسل آگاهه ڪيو پيو وڃي.
يورپي ڪميشن جي صدر اُرسلا وان چيو آهي ته هو متاثر خاندانن سان گهري همدرديءَ جو اظهار ڪن ٿا، سندس چوڻ هو ته ڏُک جي هن گهڙي ۾ ڀارتي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺا آهيون.
روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته احمد آباد جي جهاز حادثي تي کيس گهرو ڏُک رسيو آهي، سندس همدرديون متاثرن سان آهن. فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون پڻ حادثي تي افسوس ظاهر ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته هيءَ انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، جنهن تي هو ڀارتي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو.
آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز ۽ آئرلينڊ جي وزيراعظم مائيڪل مارٽن به حادثي کي افسوسناڪ قرار ڏنو آهي. جڏهن ته بنگلاديش جي چيف ايڊوائزر محمد يونس ڀارت کي ڪنهن به قسم جي مدد جي آڇ ڪئي آهي.
ياد رهي ته اڄ منجهند ڌاري ڀارت جي رياست گجرات ۾ احمد آباد ايئرپورٽ جي ويجهو ايئر انڊيا جو هڪ مسافر جهاز، جيڪو لنڊن روانو ٿي رهيو هو، ڊاڪٽرن جي هاسٽل واري عمارت تي ڪري تباهه ٿي ويو. جهاز ۾ 242 ماڻهو سوار هئا، جن مان 241 مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ مسافر معجزاڻي طور محفوظ رهيو. جهاز ۾ 169 ڀارتي، 53 برطانوي، هڪ ڪينيڊين، 7 پرتگالي شهري ۽ 11 ٻار سوار هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.