اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بچاءُ واري وزير خواجه آصف ڀارت ۾ جهاز جي حادثي ۽ ان ۾ ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي لکيو ته ڀارت ۾ پيش آيل جهاز حادثي تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي،
هن مسافرن جي وارثن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي پوئنرن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي.
مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان نواز شريف به حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي لکيو ته هي ڏکوئيندڙ سانحو سرحدن کان مٿانهون آهي جيڪو اسان کي گڏيل انسانيت جي ياد ڏياري ٿو، مان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ ڀارتي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته احمد آباد، گجرات ۾ ايئر انڊيا جي اڏام سان پيش آيل افسوسناڪ حادثي تي ڏک ٿيو آهي، اسان متاثر خاندانن سان تعزيت ڪريون ٿا.
پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ ايڪس تي لکيو ته اڄ احمد آباد ڀرسان ايئر انڊيا جو جهاز، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 240 مسافر سوار هئا، ٽيڪ آف بعد ئي تباهه ٿي ويو، هي انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، مان ڀارتي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو.
بچاءُ واري وزير خواجه آصف پڻ لکيو ته هن المناڪ حادثي تي اسان کي بيحد ڏک پهتو آهي، اسان جهاز ۾ سوار مسافرن جي وارثن ۽ ويجهن ساٿين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا.
واضح رهي ته اڄ منجهند ڌاري ڀارت جي رياست گجرات ۾ احمد آباد ايئرپورٽ جي ويجهو ايئر انڊيا جو مسافر جهاز جيڪو لنڊن وڃي رهيو هو، ڊاڪٽرن جي هاسٽل واري عمارت مٿان ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ سوار 242 مسافرن مان 241 مسافر فوت جڏهن ته هڪ مسافر معجزاڻي طور محفوظ رهيو.
ڀارت جهاز حادثو: وزيراعظم شهباز شريف، نواز شريف سميت ملڪ جي سياسي اڳواڻن طرفان افسوس جو اظهار
You might also like