ويانا (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل اٽامڪ انرجِي ايجنسي (آءِ اي ايِ اي) جوهري هٿيارن جو ڦهلاءُ روڪڻ واري معاهدي جي ڀڃڪڙي تي ايران خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪا، برطانيا، فرانس ۽ جرمني طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ تي ايجنسي جي 35 رڪني بورڊ آف گورنرز بند ڪمري واري اجلاس ۾ ووٽنگ ڪئي، جنهن دوران 19 ميمبرن ٺهراءُ جي حمايت ڪئي، جڏهن ته 3 مخالفت ۽ 11 غير حاضر رهيا.
آءِ اي ايِ اي موجب، گذريل ويهه سالن دوران هي پهريون موقعو آهي، جڏهن ايران کي جوهري هٿيارن جي ڦهلاءُ روڪڻ واري معاهدي جي ڀڃڪڙي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.