ڪنهن جي دٻاءُ آڏو جهڪنداسين نه ئي جوهري پروگرام بند ڪنداسين: ايراني صدر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان واضح ڪيو آهي ته ايران پنهنجي ايٽمي پاليسيءَ تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ قبول نه ڪندو ۽ نه ئي جوهري تحقيق بند ڪئي ويندي.
ايران جي صوبي ايلام ۾ هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايران سائنس، صنعت، طب ۽ زراعت جي ترقي لاءِ جوهري توانائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن لاءِ اولهه جي منظوري جي ضرورت نه آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن به طاقت کي ايران کي سائنسي تحقيق کان روڪڻ جو حق حاصل ناهي.
ايراني صدر چيو ته اولهه کي اهو اختيار نه آهي ته هو ايران تي جوهري پروگرام رول بيڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪري، جڏهن ته ايران جي سپريم ليڊر جي حڪم موجب ملڪ ايٽمي هٿيار ٺاهي ئي نه رهيو آهي.
ٻئي پاسي، انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي ايِ اي) ايران جي خلاف هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو آهي، جنهن ۾ جوهري هٿيارن جي روڪٿام جي ڀڃڪڙي تي خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن.
واضح رهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ يورينيم جي افزدوگي بابت سخت سفارتي ڇڪتاڻ جاري آهي، جڏهن ته ايران اپريل کان وٺي هاڻي تائين پنج ڀيرا ڳالهيون ڪري چڪو آهي ته جيئن 2015ع واري جوهري معاهدي جي جاءِ تي هڪ نئون معاهدو طئي ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.