يوٿ اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام تحت 4.3 ارب رپيا مختص، سنڌ ۾ 8 نوان آءِ ٽي سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجيٽ ۾ يوٿ اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام تحت 4.3 ارب رپيا مختص ڪيا ويا.
بجيٽ تقرير ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم يوٿ اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام تحت 4.3 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ان پروگرام تحت هڪ لک 61 هزار 500 نوجوانن کي فني تربيت ڏني ويندي، جن ۾ 56 هزار کي آءِ ٽي، 64 هزار کي انڊسٽريل ٽريڊز ۽ 49 هزار کي روايتي ٽريڊز ۾ تربيت ڏني ويندي، انهن مان اڍائي هزار نوجوانن جو واسطو فاٽا جي نون ضم ٿيل ضلعن سان هوندو.
سنڌ جي شهري علائقن ۾ 8 نوان آءِ ٽي ٽريننگ سينٽر قائم ڪيا ويندا ته جيئن مقامي ۽ عالمي سطح تي آءِ ٽي گريجوئيٽس جون ملازمتون حاصل ڪرڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.