ماهرن جي محنتن کي سلام! ايڇ آءِ وي جي علاج ۾ اهم ڪاميابي

آسٽريليا ۾ ماهرن هڪ نئون علاج تيار ڪيو آهي، جيڪو ايڇ آءِ وي وائرس جي انهن حصن کي جيڪي عام طور تي انساني گهرڙن ۾ لڪل هوندا آهن، ظاهر ڪري مدافعتي نظام جي سامهون آڻي ٿو.

هي ڪاميابي جسم کي وائرس جي لڪل ذخيري جي سڃاڻپ ڪرڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت ڏئي سگهي ٿي.

ايڇ آءِ وي اڃا تائين لا علاج بيماري آهي، ڇاڪاڻ ته هي وائرس پاڻ کي گهرڙن جي ڊي اين اي سان ڳنڍي ٿو، غيرفعال رهي ٿو ۽ دوا يا مدافعتي نظام ان کي سڃاڻي نٿو سگهي.

پر سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هنن هڪ نينو پارٽيڪل تيار ڪيو آهي، جيڪو متاثر ٿيل گهرڙن تائين جينياتي هدايتون پهچائي ٿو ۽ انهن کان اهڙو اشارو خارج ڪرائي ٿو، جيڪو وائرس جي موجودگي بابت ٻڌائي ٿو.

ڊوهرٽي انسٽيٽيوٽ جي ريسرچ فيلو ۽ تحقيق جي ساٿي ليکڪ ڊاڪٽر پائولا ڪيول موجب هي ڪاميابي ماضيءَ ۾ ناممڪن سمجهي ويندي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.