وفاقي حڪومت 40 هزار جايون ختم ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته وفاقي ڪابينا سرڪاري کاتن ۾ 40 هزار خالي جاين کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
بجيٽ تقرير ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته هيل تائين ڪابينا 10 وزارتن جي رائيٽ سائزنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، انهن وزارتن کي يا ته ٻين وزارتن ۾ ضم ڪيو ويندو يا رائيٽ سائزنگ ڪئي ويندي.
هن چيو ته هيل تائين 45 ڪمپنين ۽ ادارن کي پرائيويٽائز يا انهن ۾ رائيٽ سائزنگ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وفاقي ڪابينا انهن وزارتن ۽ کاتن ۾ موجود 40 هزار خالي جاين کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.