ڪراچي: پاڻي جي ٽائنڪي صاف ڪندي ساهه منجهڻ سبب 4 ڄڻا فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ گهر ۾ پاڻي جي ٽائنڪي جي صفائي دوران ساهه منجهڻ سبب 4 ڄڻا فوت ۽ هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي.
ريسڪيو ذريعن موجب زهريلي گيس سبب ٽائنڪي جي صفائي ڪندڙن جو ساهه منجهڻ لڳو ۽ اهي بيهوش ٿي ويا.
ڇيپا جي رضاڪارن وقت تي پهچي سڀني ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي، جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.
فوتين ۾ 26 ورهين جو ثوبان، 30 ورهين جو نويد پٽ سخي محمد، 29 ورهين جو شهزاد پٽ رمضان ۽ 25 ورهين جو سنيل پٽ لياقت شامل آهن، جڏهن ته هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.