اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت مالي سال 26-2025 جي پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) جي منصوبن لاءِ 16 ارب 27 ڪروڙ رپين جا فنڊ رکيا آهن، جڏهن ته 10 ڪروڙ رپين جي فنڊن سان قومي آرٽيفيشل انٽيليجنس ايڊوانسمنٽ انيشيٽو پروگرام به شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
اهي فنڊ ملڪ ۾ ڊجيٽل معيشت جي واڌاري، آءِ ٽي ايڪسپورٽس ۾ اضافي، مصنوعي ذهانت (آرٽيفيشل انٽيليجنس) جي ترقي ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل انفرا اسٽرڪچر جي قيام لاءِ حڪومت جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا.
بجيٽ دستاويزن مطابق آءِ ٽي لاءِ رکيل فنڊن مان وڏي رقم يعني 15 ارب 70 ڪروڙ رپيا اڳ ۾ هلندڙ منصوبن تي خرچ ڪيا ويندا.
فنڊن مان ڪراچي ۾ آءِ ٽي پارڪ قائم ڪرڻ لاءِ 60 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويندا، جڏهن ته اسلام آباد ۾ ٽيڪنالاجي پارڪ ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ لاءِ لڳ ڀڳ 5 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.
دستاويزن مطابق ڊجيٽل اڪانومي پراجيڪٽ سميت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ سيلولر سهولتن جي واڌاري لاءِ به فنڊ رکيا ويا آهن.
حڪومت ايندڙ مالي سال ۾ آءِ ٽي صنعت جي بهتري ۽ بحالي لاءِ به 50 ڪروڙ رپين جي رقم رکي آهي.
آءِ ٽي منصوبن لاءِ رکيل فنڊن مان ڪجهه رقم نون منصوبن تي به خرچ ڪئي ويندي، جن مان اهم ترين منصوبو آرٽيفيشل انٽيليجنس ايڊوانسمنٽ وارو آهي.
بجيٽ دستاويزن موجب نيشنل آرٽيفيشل انٽيليجنس ايڊوانسمنٽ انيشيٽو منصوبي تي 10 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويندا، جڏهن ته ”سمارٽ اسلام آباد انيشيٽو“ تي 25 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيڻا آهن.
You might also like