ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مختلف موبائيل مارڪيٽن ۾ جعلي ۽ غير رجسٽرڊ سمارٽ فونز وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڪراچي موبائيل اينڊ اليڪٽرانڪ ڊيلرز ايسوسيئيشن جي صدر موجب، ويجهي ڏينهن ۾ اهڙين شڪايتن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي جتي شهرين کي پراڻن، ري ڪنڊيشن يا پيچ فونز کي نئون ڄاڻائي وڪرو ڪيو ويو.
پيچ فون ڇا آهي؟
اهڙا موبائيل فون جيڪي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) کان ٿيل ناهن هوندا، پر انهن ۾ جعلي يا ٻيهر استعمال ٿيل آءِ ايم اي آءِ نمبر داخل ڪري نئون ڏيک ڏئي وڪرو ڪيا ويندا آهن.
اهي عام طور تي سستي اگهه تي مارڪيٽ ۾ دستياب هوندا آهن.
هڪ شهري ٻڌايو ته جڏهن هو پنهنجو پراڻو فون ٺهرائڻ لاءِ ڪراچي جي صدر موبائيل مارڪيٽ ويو، ته دڪاندار کيس نئون ”دٻو پيڪ“ فون وٺڻ جو مشورو ڏنو.
سندس چوڻ هو ته نئون فون وٺڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ ئي پي ٽي اي فون بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ پتو پيو ته اهو فون پيچ هو ۽ اهڙو ماڊل ٺهڻ بند ٿي چڪو آهي، جڏهن بعد ڊيلرز ايسوسيئيشن جي مداخلت کانپوءِ دڪاندار پئسا واپس ڪيا.
ماهرن جا صلاحون: ٺڳيءَ کان بچڻ لاءِ ڇا ڪيو وڃي؟
* هميشه آفيسل وارنٽي سان فون خريد ڪريو، جيڪو عام طور تي هڪ سال جي هوندي آهي.
* فون جو آءِ ايم اي آءِ نمبر ترت*8484# ڊائل ڪري يا پي ٽي اي جي ويب سائيٽ تان چيڪ ڪيو.
* اهڙا ماڊل خريدڻ کان پاسو ڪيو، جيڪي بند ٿي چڪا هجن يا ڪمپني جي ويب سائيٽ تي لسٽ ٿيل نه هجن.
* دڪاندار کان رسيد ضرور وٺو ۽ واضح لکت ۾ پڪ ڪريو ته فون نئون، رجسٽرڊ ۽ برانڊڊ آهي.