”ون ڊي نه ٽي ٽوئنٽي ٿا کيڏون“ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز بورڊن ۾ صلاح مشورا شروع

باربيڊوس (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن کي ٽي ٽوئنٽي ميچنتبديل ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي، جنهن بابت ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊز وچ ۾ صلاح مشورا جاري آهن.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ويسٽ انڊيز جي دوري دوران شيڊيول ٽن ون ڊي ميچن کي ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تياريءَ بابت وڌيڪ موزون قرار ڏنو پيو وڃي.
ون ڊي بدران ٽي ٽوئنٽي ميچن جي پاليسي اهم عالمي ايونٽن لاءِ ٽيم جي تياري ۽ رانديگرن جي ڪمبينيشن بهتر بڻائڻ اختيار ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته پاڪستاني ٽيم جولاءِ جي آخر ۾ ويسٽ انڊيز جو دورو ڪندي، جتي موجوده شيڊيول تحت ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 31 جولاءِ ٻي 2 ۽ ٽِين 3 آگسٽ تي فلوريڊا ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ون ڊي ميچون 8، 10 ۽ 12 آگسٽ تي ٽرينيڊاڊ ۾ شيڊيول آهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ به پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ شيڊيول ٽن ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز 5 ٽي 20 ميچن ۾ تبديل ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.