تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جوهري ڳالهين جو ڇهون دور ايندڙ آچر تي عمان جي گاديءَ واري شهر مسقط ۾ شروع ٿيندو، جتي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهم سفارتي ڳالهه ٻولهه جو امڪان آهي.
ان ڏس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته “ ڳالهين ۾ شامل ايراني وفد جو سخت موقف آهي ۽ ايران جي حوالي سان اسان گهڻو ڪم ڪري رهيا آهيون.”
سندس چوڻ هو ته “ اسرائيلي وزيراعظم سان ايران بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ايران سان خميس کان ڳالهيون شروع ٿينديون.”
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته “ هو(ايران) اهڙيون شيون گهري رهيو آهي جيڪي نه ٿا ڏئي سگهون، ايران افزودگي ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اسان ان جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون.”
You might also like