اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جو اجلاس آگسٽ ۾ ٿيندو، اين ايف سي ايوارڊ ۾ آبادي جي فارمولي ۾ تبديلي تي غور ڪيو ويندو، صوبن سان مشاورت ڪئي ويندي، جيڪڏهن پاڪستان جي آبادي 40 ڪروڙ تائين پهچي وئي ته ان وقت ڇا ٿيندو؟ اسان کي ان بابت سوچڻو پوندو،
-
حاجين جي وطن واپسي اڄ کان شروع ٿيندي
اسلام آباد (م ڊ) حاجين جي وطن واپسي جو آپريشن اڄ اڱاري کان شروع ٿيندو، حاجين جي واپسي لاءِ پهرين اڏام 10 جون جي رات 11 وڳي 50 منٽ تي جدہ مان رواني ٿيندي، جيڪا 11 جون جي صبح 3 وڳي اسلام آباد پهچندي، پهريءَ اڏام سان مختصر مدي وارو حج ڪندڙ 307 حاجي پاڪستان واپس پهچندا، 11 جون تي 8 اڏامون حاجين کي کڻي پاڪستان پهچنديون، جيڪي اسلام آباد، لاهور، ملتان ۽ ڪراچي اينديون.
-
سال 2024 ۾ برساتون 31 سيڪڙو وڌيڪ ٿيون، ٻوڏ سبب 15 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو
اسلام آباد: اقتصادي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عالمي گرين هائوس گيسز جي خارج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، ٻوڏ سبب 3.3 ڪروڙ ماڻهن متاثر ٿيا ۽ 15 ارب ڊالر جو نقصانٿيو، پاڪستان ۾ سال 2024 جو گرمي جو درجو 23.52 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو ۽ سال 2024 ۾ برساتون 31 سيڪڙو وڌيڪ ٿيون،