لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين وائيٽ بال هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن چيو آهي ته مان چاهيان ٿو پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم قوم جو فخر بڻجي.
مائڪ هيسن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ٽيم جي مستقبل، پنهنجي ڪوچنگ فلسفي ۽ ويزن بابت ڳالهايو.
هن چيو ته مان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي اهڙي حيثيت ڏيڻ چاهيان ٿو، جتي قوم فخر سان چوي ته هيءَ سندن بهترين ڪرڪيٽ ٽيم آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪوچنگ جو مطلب رڳو سکيا ڏيڻ نه پر ٽيلينٽ کي نکارڻ آهي، انڪري اهو ضروري ناهي ته مان رانديگرن کي اهي وڏيون ڳالهيون ٻڌايان جيڪي مون پنهنجي دور ۾ ڪيون.
هن رانديگرن سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته جڏهن اوهان ڪنهن رانديگر جي سفر کي سمجهي وٺو ٿا، تڏهن ئي اوهان ان جي حقيقي اهميت وڌائي سگهو ٿا.
مائيڪ هيسن چيو ته سڀ رانديگر اهو ڄاڻڻ جو حق رکن ٿا ته انهن مان ڪهڙي اميد ڪئي پئي وڃي ۽ ان لاءِ پهريان سندن ڪارڪردگي جو مشاهدو ضروري آهي.
هن چيو ته مان نون رانديگرن سان ملڻ ۽ ڳالھائڻ جو خواهشمند آهيان، ڇو ته هي عمل ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته رانديگر تربيت يافته، ورسٽائل ۽ قومي ذميوارين لاءِ سڏ تي اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهن.
مائيڪ هيسن جيڪڏهن ڪنهن ڪوچ جي وڃڻ کان پوءِ حالتون خراب ٿيڻ لڳن ته ان جو مطلب آهي ته ان ڪوچ صحيح ڪم نه ڪيو، مون کي اميد آهي ته مان اهڙي ڪاميابيءَ جو بنياد وجهندس، جيڪا مون کان پوءِ به برقرار رهندي.
You might also like