راب والٽر نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون هيڊ ڪوچ مقرر

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ راب والٽر کي ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو، هو ڪامياب ڪوچ گيري اسٽيڊ جي جاءِ وٺندو.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب راب والٽر جو مدو جون جي وچ ۾ شروع ٿيندو، هو آڪٽوبر ۽ نومبر 2028 ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پڄاڻي تائين ڪوچ رهندو.
واضح رهي ته راب والٽر تازو ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي، سندس ڪوچنگ ۾ ڏکڻ آفريقا 2023 ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو سيمي فائنل کيڏيو.
ان کانسواءِ ڏکڻ آفريقا چيمپيئنز ٽرافي 2025 جو سيمي فائنل ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 جو فائنل پڻ کيڏيو.
راب والٽر ماضي ۾ نيوزيلينڊ جو ڊوميسٽڪ ۽ اي ٽيم جي ڪوچنگ ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.