لاڙڪاڻي ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 5 ٻارن جو پيءُ قتل

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي جي الهه آباد واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 5 ٻارن جو پيءُ قتل ٿي ويو.
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ وزير علي جانوري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال پهچايو ويو، جتي سورن جي سٽ نه سهندي هن دم ڏئي ڇڏيو.
مقتول جي وارثن موجب اسان قمبر جي ڳوٺ تيجو خان جانوري جا رهواسي آهيون، برادري جي ماڻهن سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، وزير جانوري کي پراڻي تڪرار تان هٿياربندن قتل ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.