16 لک کان وڌيڪ خوش نصيبن حج جي سعادت ماڻي: سعودي اختياريون

مڪو پاڪ (ويب ڊيسڪ) سعودي اختيارين ٻڌايو آهي ته هن سال 16 لک 73 هزار 230 پانڌيئڙن حج جو فرض ادا ڪيو.
انهن مان 15 لک 6 هزار 576 حاجي 171 مختلف ملڪن مان آيا، جڏهن ته سعودي عرب مان 1 لک 66 هزار 654 ماڻهن حج ادا ڪيو.
حاجين ۾ 8 لک 77 هزار 841 مرد ۽ 7 لک 95 هزار 389 عورتون شامل هيون، جنهن کي تاريخ جي هڪ متوازن شرح قرار ڏنو پيو وڃي.
رڪنِ اعظم ”وقوفِ عرفه“ جي ادائيگي خميس ڏينهن مڪمل ٿي، جنهن کان پوءِ حاجي مزدلفه روانا ٿيا، جتي مغرب ۽ عشا جون نمازون ادا ڪيون ويون.
حج خطبي دوران فلسطين جي مظلوم مسلمانن لاءِ خاص دعا ڪئي وئي، فجر کان پوءِ حاجي منيٰ روانا ٿيا، جتي شيطان کي پٿريون هنيون ويون ۽ قرباني ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.