سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۾ ڪارروائي، فتنه الهندوستان جا ٻه دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي ڪڇي ۾ فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ٻه دهشتگرد ماري ڇڏيا.
آءِ ايس پي آر موجب 6 جون تي بلوچستان جي ضلعي ڪڇي جي علائقي ڪولپور ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ ٻن دهشتگردن کي ماريو ويو، جيڪي هندستان جي سرپرستي هيٺ سرگرم هئا، ماريل دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا ۽ بارود به هٿ آيو.
آءِ ايس پي آر موجب اهي دهشتگرد مختلف هنڌن تي هندستان جي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.