ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ رانگ وي تي هلندڙ سرڪاري ۽ غير سرڪاري گاڏين توڙي موٽر سائيڪلن تي ڳرا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي گهرو ۽ قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ موٽر وهيل رولز ۾ سڌارن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ، سيڪريٽري قانون، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سميت ٻيا عملدار شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ ڪمرشل ۽ نان ڪمرشل گاڏين جي فٽنيس لازمي قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته 4 سيٽر رڪشن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ ترميم جي منظوري پڻ ڏني وئي.
اجلاس دوران ضياءُ الحسن لنجار چيو ته گاڏين جي فٽنيس ٿرڊ پارٽي ذريعي ڪرائي ويندي، رڪشن کي روڊ تي آڻڻ لاءِ اجازت وٺڻ لازمي هوندي، جڏهن ته ون وي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ سرڪاري گاڏي تي 2 لک رُپين جو ڏنڊ ۽ رانگ وي تي موٽرسائيڪل هلائيندڙ تي 25 هزار رُپين جو چالان ڪيو ويندو، ون ويلنگ ۽ ڊرفٽنگ ڪرڻ تي پهريون ڀيري هڪ لک، ٻيو ڀيري ٻه لک ۽ ٽيون ڀيرو ٽي لک رُپيا ڏنڊ لاڳو ٿيندو.
هن چيو ته فور وهيلر گاڏين پاران ون وي جي ڀڃڪڙي تي هڪ لک رُپين جو ڏنڊ لاڳو ٿيندو، جڏهن ته مال بردار گاڏين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڪئميرائون لڳائڻ لازمي هوندو، ترميمي مسودو حتمي منظوري لاءِ سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته واٽر ٽينڪرن ۽ ڊمپرن ۾ ٽريڪر ۽ سينسر لڳائڻ به لازمي هوندو، ڊرائيونگ لائسنس کانسواءِ موٽر سائيڪل هلائڻ تي 25 هزار ۽ ڪار هلائڻ تي 50 هزار رُپيا ڏنڊ لاڳو ٿيندو.
اجلاس ۾ ڪارن شيشن، فينسي لائيٽن ۽ هوٽر جي آن لائين يا دڪانن تي وڪري تي به پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ٽريفڪ جا اي چالان گاڏي جي مالڪ جي گهر جي پتي تي موڪليا ويندا، ٽريفڪ، ٽرانسپورٽ ۽ ايڪسائيز جو نظام پاڻ ۾ ڳنڍيو ويندو ۽ جيڪڏهن چالان جمع نه ڪرايو ويو ته گاڏي جي منتقلي يا وڪري جي اجازت نه ڏني ويندي، ٽريفڪ قاعدن جي ڀڃڪڙين بابت ڪيسن لاءِ ٽريفڪ ميجسٽريٽ مقرر ڪيو ويندو.
You might also like