ماهرا کي معاف ڪري ڇڏيو، مستقبل ۾ گڏجي ڪم ڪنداسين: خليل الرحمان

لاهور (ويب ڊيسڪ) ناليواري ڊراما ليکڪ خليل الرحمان قمر ۽ سپر اسٽار اداڪارا ماهرا خان وچ ۾ ڊگهي عرصي کان جاري تڪرار ختم ڪندي مستقبل ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي.
تازو هڪ انٽرويو دوران خليل الرحمان قمر کان ماهرا خان بابت سوال پڇيو ويو، جنهن تي هن چيو ته ماهرا پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪري ورتو آهي ۽ مان به اهو سمجهان ٿو ته کيس ٽوئيٽ ڪرڻ کان ان معاملي تي مون سان اڳ ڳالهائڻ گهرجي ها.
خليل الرحمان قمر چيو ته ”مان ماهرا جي عزت ڪندو آهيان، هوءَ به مون سان هميشه ادب سان پيش ايندي رهي آهي، ماهرا منهنجي پسنديده اداڪارا رهي آهي ۽ اڄ به آهي، مان جڏهن به مٿس تنقيد ڪئي ته پاڻ به اندروني تڪليف محسوس ڪندو هئس.“
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ”مان جڏهن ماهرا جو اهو انٽرويو ڏٺو ته کيس پيغام موڪلي چيو ته اڄ کان سڀ شڪايتون ختم، انشاءَ الله مستقبل ۾ گڏجي ڪم ڪنداسين.“
ياد رهي ته 2020ع ۾ ماهرا خان خليل الرحمان قمر بابت هڪ ٽوئيٽ ڪئي هئي، جنهن ۾ هن ليکڪ تي سخت تنقيد ڪئي هئي، جنهن سبب ٻنهي وچ ۾ لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.