اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان کي سال 2025 لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي دهشتگردي ٽوڙ ڪميٽي (سي ٽي سي) جو نائب صدر چونڊيو ويو.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اها ڪميٽي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڪوششن جي نگراني ۽ رهنمائي جي ذميوار آهي.
پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي 1988 جي پابندين جي ڪميٽي جي سربراهي به سنڀالي آهي، جيڪا طالبان خلاف پابندين جي نگراني ڪندي آهي.
اها ڪميٽي طالبان سان جڙيل ماڻهن ۽ ادارن تي اثاثا منجمد ڪرڻ، سفري پابندين ۽ هٿيارن جي پابندي جهڙا قدم لاڳو ڪندي آهي، جيڪي افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن.
ان کانسواءِ پاڪستان ٻن غير رسمي ورڪنگ گروپس جي گڏيل سربراهي به ڪندو، هڪ دستاويزي ۽ طريقي ڪار جي معاملن ۽ ٻيو عام پابندين جي معاملن تي آهي.
You might also like